شرح سڪندرنامه (قلمي نسخو)

شرح سڪندرنامه (قلمي نسخو)

شرح سڪندرنامه قلمي نسخو

شرح سڪندرنامه (قلمي نسخو) : فارسي ٻولي ۾ هي قلمي نسخو نظاميءَ جي ‘سڪندر نامه’ جي شرح تي مشتمل آهي جنهن جو مصنف شيخ هارون متقي ٺٽوي آهي.
هي فارسي زبان ۾ شرح 78 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي هر صفحي تي 16 سٽون آهن، اهو خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي. ڪاتب ملا فقير الله بن آخوند نعمت الله آهي، جنهن 1248هه/ 1832ع ۾ ڪتابت ڪيو. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”حضرت بر سر زمين برپا است واماده
شده است زمين... الخ“
۽ پڄاڻي هيئن ٿئي ٿي:
“... شرح سکندر نامه من تصنيف شيخ
هارون متقي ساکن تته، تحرير يافت
ازدست ملا فقير الله بن آخوند نعمت
الله بتاريخ 29 ماه ربيع الآخر روز سشنبه
وقت دو پاس 1248هه/1832ع”
هي قلمي نسخو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو